پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوئن جي خاتمي لاءِ ٻلين جون خدمتون وٺبيون

پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوئن جي خاتمي لاءِ ٻلين جون خدمتون وٺبيون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ هائوس مان ڪوئا پڪڙڻ لاءِ 12 لک روپيه خرچ ڪيا ويندا جنهن جي لاءِ بجيٽ جي منظوري به ڏني وئي آهي.ڪيپيٽل ڊوالپمينٽ اٿارٽي(سي ڊي اي) پارليامينٽ هائوس مان ڪوئن مان جان ڇڏائڻ جي لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سي ڊي اي ڪوئا پڪڙڻ جي لاءِ شڪاري ٻلين جون خدمتون وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ 12 لک روپين جي بجيٽ مقرر ڪئي وئي آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪوئا کائيندڙ شڪاري ٻلين جون خدمتون ورتيون وينديون ۽ ڪوئا پڪڙڻ جي لاءِ ڄاريون لڳل خاص دريون به لڳايون وينديون، سي ڊي اي ڪوئا پڪڙڻ جي لاءِ نجي شعبي جون به خدمتون حاصل ڪندو.ذريعن ٻڌايو آهي ته پارليامينٽ هائوس جي ڇتن جي سيلنگ سبب ڪوئن جو تعداد وڌي ويو آهي، ڪوئا سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي مختلف شعبن ۾ نقصان پهچائي رهيا آهن جڏهن ته ڪوئن پارليامينٽ هائوس جي ڪيترن ئي آفيسن ۾ فائلون به ٽڪي ڇڏيون آهن. قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته ڪوئن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي سي ڊي اي ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو