سنڌ ۾ برسات سبب نقصان، بلاول ڀٽو رپورٽ طلب ڪري ورتي

سنڌ ۾ برسات سبب نقصان، بلاول ڀٽو رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان صوبي ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي برساتن سبب متاثر علائقن ۾ فوري طور تي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي صوبي ۾ برسات سبب ٿيندڙ نقصانن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن هڪ دفعو ٻيهر موسمياتي تبديلي جو شڪار ٿيون آهن، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي هيٺاهين وارن علائقن مان فوري طور تي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بنايو وڃي.پ پ چيئرمين چيو ته خيرپور ضلعي ۾ ڊيم جي بند ۾ گهاري جي معاملي تي فوري جاچ ڪرائي وڃي، يقيني بنايو وڃي ته ڊيم جي بند ۾ گهاري کان پوءِ نقصان گهٽ کان گهٽ ٿئي ۽ متاثرين تائين فوري طور تي امداد پهچي.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي برسات متاثرين جي امداد جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون نڀائي. جڏهن ته سکر، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور سميت سڄي صوبي ۾ ٿيندڙ نقصانن ۽ امدادي سرگرمين تي تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي برسات متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو