باڊھه(ن س) باڊھ شھر جي ڦلپوٽا محلي واسي ٻه نوجوان مامو ۽ ڀاڻج نشي جون ٽيبليٽ واپرائڻ سبب ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا. مليل ڄاڻ موجب:26 ورهين جو نوجوان غلام شبير ولد حاڪم علي ڦلپوٽو ۽ 18 ورهين جو جنيد علي ولد عبدالرئوف ڦلپوٽو ڪراچي دائود مل ۾ گتي جو ڪم ڪندا هئا ۽ ڪالھ شام ڪم تان واپس ايندي ميڊيڪل اسٽور تان نشي جون گوريون خريد ڪري واپرايون جنهن کان ٻئي ڄڻا عبدالله ڳوٺ ڪراچي پنهنجي گهر ۾ اچي سُتا. وارثن اٽڪل رات 9 وڳي کين اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻئي نوجوان بيهوشي جي حالت ۾ هئا جنهن کان پوءِ وارث فوري طور تي کين گلشن حديد جي نجي اسپتال کڻي ويا جتي ڊاڪٽرن ٻنھي نوجوانن جي موت جي تصديق ڪئي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنھي نوجوانن جي مڙه کي اباڻي شهر باڊھ آندو پيو وڃي اهڙي خبر پهچڻ تي گهر سميت پوري علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو جتي اڄ شام باڊھ شهر جي درگاھ شريف واري عيدگاھ ۾ جنازه نماز ادا ڪئي ويندي










