پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور جي ورسڪ روڊ تي پير بالا جي علائقي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.پشاور ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ايس پي ورسڪ موجب ڌماڪي ۾ 5 ڪلو بارودي مواد ريموٽ ڪنٽرول استعمال ڪيو ويو جنهن سان پوليس موبائل وين کي نقصان پهتو.پوليس موجب ڌماڪيدار مادو سيمينٽ بلاڪ ۾ رکيل هو.ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن فوري طور تي متاثر علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي.ريسڪيو 1122 موجب ڌماڪي جي 5 زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










