سڄي ملڪ ۾ 4 ڏينهن  گجگوڙ سان گڏ طوفاني برسات جي اڳڪٿي

سڄي ملڪ ۾ 4 ڏينهن گجگوڙ سان گڏ طوفاني برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي پوري ملڪ ۾ 14 آگسٽ کان 18 آگسٽ تائين طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته آزادي واري ڏينهن شام يا رات کان هي طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب اولهه، عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال کان ايندڙ مون سون هوائون ملڪ تي اثر انداز ٿينديون جنهن سبب اسلام آباد، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات پئجي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب سنڌ جي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ 15 آگسٽ کان 18 آگسٽ جي شام يا رات تائين برسات جو امڪان آهي. ٻئي طرف بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي ۽ موسميات کاتي 15 آگسٽ کان بلوچستان جي 16 ضلعن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي 15 کان 18 آگسٽ دوران خضدار، لسٻيلا، آواران، قلات، ژوب، بارکان، موسيٰ خيل، مستونگ، سبي، شيراني، ڪوهلو، بولان، هرنائي، نصيرآباد، جعفرآباد ۽ مڪران جي ساحلي علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران بارکان ۽ قلات ۾ 6.6 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سومر ڏينهن نوڪنڊي ۾ گرم ترين ڏينهن رهيو ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو