آمريڪا ۾ گرفتار پاڪستاني بابت معلومات ملڻ تي رد عمل ڏبو، ترجمان

آمريڪا ۾ گرفتار پاڪستاني بابت معلومات ملڻ تي رد عمل ڏبو، ترجمان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پرڏيهي کاتي جي ترجمان آمريڪا ۾ اعليٰ شخصيتن جي قتل جي رٿا بندي جي الزام م گرفتار پاڪستاني شهر ي بابت جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته اسين آمريڪي اختيارين سان ”جاري تحقيق“ جي حوالي سان رابطي ۾ آهيون ۽ وڌيڪ تفصيلن جو انتظار آهي. اربع جي صبح جاري ڪيل مختصر بيان ۾ ترجمان وڌيڪ چيو ته ”اسان جو باضابطه رد عمل ڏيڻ کان پهريان ، اسان کي پڻ لاڳاپيل شخص جي اڳڪٿين جي پڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ،“. اڱاري تي ايف بي آءِ ڊائريڪٽر ڪرسٽوفر وَري چيو هو ته هنن ڪراچي جي رهاڪو 46 سالن جي آصف رضا مرچنٽ کي ڪرائي جي قتل جي الزام م گرفتار ڪيو آهي. نيو يارڪ جي بروڪلن واري علائقي جي فيڊرل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ڪورٽ پيپرز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار آمريڪا جي اعليٰ سخصيتن جن ۾هاءِ پروفائيل سياستدان ۽ انتظامي عملدار به ٿي سگهن ٿا، انهن جي قتل جي رٿا بندي ڪري رهيو هو. جوابدار جا ايران سان به لاڳاپا آهن ۽ هو هلندڙ سال اپريل ۾ تهران جي دوري بعد ڪراچي پهتو ۽ اتان قتل جي سازش آمريڪا آيو. هن هڪ آمريڪي شهري سان ڪرائي جي قتل لاءِ ڳالهايو جنهن آمريڪي ايجنسي کي اطلاع ڏنو. ڪورٽ دستاويزن موجب آصف رضا مرچنٽ ممڪنه ڪرائي جي قاتل کي چيو ته جيئن ئي هو آمريڪا مان واپس ويندو ته کيس 5 هزار ڊالر ايڊوانس ملندا ۽ قتل جو ٽارگيٽ آگسٽ جي آخر يا سيپٽمبر جي پهرين هفتي م ٻڌايو ويندو. جيتوڻڪ سي اين اين اڱاري تي آمريڪا جي نامعلوم اهلڪار جي حوالي سان پنهنجي خبر ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ تي حملي جي رٿا بندي ۾ جوابدار ملوث هو. ليڪن ڪورٽ دستاويز ۾اهڙو ڪو ذڪر ناهي ۽ وائيٽ هائوس جي ترجمان به ڊونلڊ ترمپ جي قتل ۾ سندس ملوث هئڻ جي ترديد ڪئي آهي. عدالتي دستاويز موجب جولاءِ جي شروع ۾ مرچنٽ آمريڪي ڪرائي جي قاتل سان ملاقات ڪئي هئي. جنهن بعد هن 12 جولاءِ تي آمريڪا ڇڏڻ لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ته کيس گرفتار ڪيو ويو. آمريڪي ميڊيا رپورٽس موجب مرچنٽ جي اڌ فيملي ڪراچي ۽ اڌ ايران ۾ رهندي آهي، هو ايران، عراق ۽ شام جا لڳاتار دورا ڪندو رهيو. 2020 ۾ ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل جو بدلو وٺن لاءِ هن ٽاپ آمريڪي سياستدانن ۽ عملدارن جي قتل جو منصوبو جوڙيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو