اسلام آباد (بيورو) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جديد ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان 11 ارب رپين جي فراڊ کي پڪڙي ورتو آهي جنهن ۾ ٽيڪس مشينري سان رجسٽرڊ جعلي ڪمپنيون شامل آهن.رپورٽ موجب، ٻن جعلي ڪمپنين، جنيد امپڪس ۽ ٽريڊزون، جيڪي مبينا طور تي سيمينٽ پلانٽس کي ڊيوٽي فري ڪوئلي وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث هئا، انهن جي مقامي بئنڪن ۾ اڪائونٽ کولڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.ايف بي آر موجب اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته سيمينٽ فيڪٽرين کي مقامي ڪوئلي جي فراهمي لاءِ جعلي سيلز ٽيڪس وصوليون ڪيون ويون، پاور سيڪٽر ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوئلو به سيمينٽ انڊسٽري جو اهم حصو آهي.پاڪستان جي سيمينٽ جي شعبي کي سراسري طور تي 13 هزار ٽن ڪوئلي جي ضرورت آهي ۽ اها طلب وقت گذرڻ سان گڏ وڌي رهي آهي، اها گهرج درآمد ۽ ملڪي پيداوار ذريعي پوري ڪئي وڃي ٿي، ملڪ جي ڪوئلي جي ذخيرن جو اندازو 185 هزار ارب آهي.لينڊ روينيو ڪراچي ۾ ايف بي آر جي انڪم آڊٽ ڊائريڪٽوريٽ موجب جوابدارن خلاف ڪسٽم اينڊ ٽيڪسيشن ڪورٽ ڪراچي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته اهڙيون وڌيڪ جعلي ڪمپنيون سيمينٽ فيڪٽرين کي ڪوئلي جي فراهمي ۾ ملوث آهن .ايف بي آر جي ٽيڪس آفيسر موجب، حڪومت جي ڊجيٽلائيزيشن پاليسي جي حصي طور استعمال ٿيندڙ جديد سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي جي ذريعي فراڊ جو پتو لڳايو ويو آهي، ڪوئلي جي ڊيوٽي فري ترسيل مان سڀ کان وڌيڪ فائدو طاقتور ڪاروباري گروپن ۽ خاندانن کي ملي ٿو.في الحال، ايف بي آر ٽيڪس نيٽ وڌائڻ سبب سڀني کي سيلز ٽيڪس رجسٽريشن فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته، بورڊ ڪاغذن جي ٽرانسپورٽ ۽ سامان جي حقيقي نقل و حمل جي وچ ۾ فرق ڪيو آهي










