هري پور چونڊ ڌانڌلي جاچ ڪرڻ خلاف اسٽي جاري

هري پور چونڊ ڌانڌلي جاچ ڪرڻ خلاف اسٽي جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اين اي 18 هريپور ۾ ڌانڌلي ڪيس جي جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي تي حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ(ن) جي اميدوار بابر نواز جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي ۽ 10 جولاءِ جي آرڊر کي چيلينج ڪيو هو. درخواستگذار جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي درخواست تي 60 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو هوندو آهي. 60 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ڪارروائي غيرقانوني آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي اليڪشن ڪميشن کي اين اي 18 هريپور ۾ ڌانڌلي جي جاچ کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت طرفان اليڪشن ڪميشن، ريٽرننگ آفيسر اين اي 18، ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ۽ بابر نواز خان کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو