ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل

ٻوڏ متاثرن لاءِ 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل

سکر (ن س ) سنڌ حڪومت پاران سکر ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 83 هزار 417 گهرن مان 3 هزار 100 گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، صوبائي وزير توانائي، رٿا بندي ۽ ترقي سيد ناصر حسين شاهه، ترجمان سنڌ حڪومت و ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ چيئرمين ضلعي ڪائونسل سيد ڪميل حيدر شاهه گهرن جون چاٻيون ۽ مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ ورهايا. تفصيل موجب جمعي ڏهاڙي روهڙي تعلقي جي ڳوٺ پير محمد جاگيراڻي ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ گهر ورهائڻ جي حوالي سان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ توانائي، رٿا بندي ۽ ترقي واري صوبائي وزيرسيد ناصر حسين شاهه ۽ ترجمان سنڌ حڪومت و ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر 100 ٻوڏ متاثرن ۾ گهرن جون چاٻيون ۽ مالڪاڻن حقن وارا سرٽيفڪيٽ ورهايا، ڊپٽي ڪمشنر سکر ايم بي راجا ڌاريجو به ساڻس گڏ هئا. انهيءَ موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيدي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ صوبي ۾ 2.1 ملين گهرن جي تعمير جو پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي. پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ جي تڪميل سان سنڌ جي اٽڪل هڪ ڪروڙ آبادي کي فائدو ٿيندو،ٻن سالن اندر 21 لک گهر جي تعمير جي ڪم مڪمل ڪري وٺبو. هن چيو ته ٻوڏ سبب ٻين صوبن ۾ پڻ لکين ماڻهو متاثر ٿيا ، پر گهرن جي نئي سر تعمير جو ڪم صرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ئي ڪري رهي آهي هن چيو ته 8 لک گهراڻن جا بينڪ آڪائونٽس فعال ٿي چڪا آهن جن ۾ قسطن جي منتقلي جو سلسلو به جاري آهي، ڪنهن کي هڪ ڪن کي ٻه، جڏھن ڪن گھراڻن کي ٽين ۽ ڇوٿين قسط به منتقل ٿي چڪي آهي. هن چيو ته وزير اعلي سنڌ ۽ اسين سڀ ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته ھن منصوبي ۾ شفافيت رهي ته جيئن ٻوڏ متاثرن کي ڇت ميسر ٿي سگهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سکر ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير جو ڪم هينڊز ڪري رهي آهي، جڏهن ته فنڊنگ سنڌ حڪومت، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻين ادارن جي سهڪار سان جاري آهي، گهرن جي اڏاوت ۾ پاڻي جي نيڪال ۽ صفائي سٿرائي ۽ حفظان صحت جي اصولن تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ٻوڏ متاثرن کي گهر فراهم ڪرڻ جو ڪيل واعدو پورو ڪري رهي آهي، 2.1 ملين گهرن جي تعمير انهي ڳالھ جو واضح ثبوت آهي ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، پيپلز هائوسنگ منصوبي سان نه صرف ٻوڏ متاثرن کي ڇت ميسر ٿيندي پر روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿي رهيا آهن، مستقبل ۾ ڪنهن به قدرتي آفت ۽ برساتن وغيرھ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بنيادي ڍانچو جوڙي ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.صوبائي وزير توانائي، پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سيد ناصر حسين شاهه، سنڌ حڪومت جي ترجمان و ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ت پيپلز هائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ تعمير ٿيل گهرن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سکر ضلعي ۾ 83417 گهرن جي تعمير جو هدف آهي، تعلقي نيو سکر ۽ سکر سٽي ۾ 12819 گهرن جي تعمير جو ٽارگيٽ آهي، تعلقي روهڙي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 26515 گهرن جي تعمير ڪئي پئي وڃي،پنو عاقل تعلقي ۾ 27119 گهرن جي تعمير جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته صالح پٽ تعلقي ۾ 16954 گهر تعمير ڪيا پيا وڃن. انهي بعد توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سنڌ حڪومت جي ترجمان و ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ۽ چيئرمين ضلع ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه ڳوٺ ٽيگھاٽي پهچي ٻوڏ متاثرن جي گهرن جو معائنو ڪيو ۽ متاثرن ۾ چاٻيون ۽ مالڪاڻن حقن جا سرٽيفڪيٽ ورهايا، انهيءَ موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڳوٺ ٽيگهاٽي ۾ ابتدائي طور تي 304 گهرن جي تعمير جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو هو، جنهن منجهان 275 گهراڻن کي پهرين قسط منتقل ٿي چڪي آهي، 234 گهرن جي تعمير لاءِ ڊي پي سي تائين ڪم ٿي چڪو آهي، 212 گهر مالڪ ٻي قسط ۽ 133 گهرمالڪ ٽين قسط وصول ڪري چڪا آهن، جڏهن ته 90 گهرن جي ڇت تائين جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. انهي موقعي تي توانائي، منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوري صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جو ڪم تيز ڪيو ويو آهي، متاثرن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪي به ميرٽ تي آيا آهن، پيپلزپارٽي انهن کي نوڪريون ڏنيون آهن، رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ ۽ عدالتن ۾ جواب ڏيڻ باوجود اسان ميرٽ تي نوڪريون ڏئي رهيا آهيون، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪيل اميدوارن سان ناانصافي نه ٿيندي ۽ سندن پروسيس جاري آهي، کين احتجاج ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، سنڌ حڪومت انهن لاءِ ڪم ڪري پئي، سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪجهه ماڻهو کين احتجاج لاءِ ڀڙڪائي رهيا آهن، صوبائي وزير کان بجلي جي ٽيرف بابت پڇيل سوال تي ھن چيو ته بجلي جي ٽيرف عام ماڻهوءَ لاءِ ناقابل برداشت آهي، اوور بلنگ هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن لاءِ توانائي کاتي ۾ هڪ سيل قائم ڪيو ويو آهي، ته جيئن عام واهپيدارن جي بجليءَ جي بلن جي ريڪنسيليشن ڪري سگهجي ۽ سندن شڪايتن جو ازالو ڪري سگهجي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاق سان بجلي جي قيمتن جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، مون کي اميد آهي ته اهو مسئلو حل ٿي ويندو ته جيئن عام ماڻهو تي بار نه پوي، هن چيو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف جي شرط آهي ته وفاقي حڪومت کي متبادل فراهم ڪرڻ گھرجي، هن چيو ته آءِ پي پيز جي معاهدن تي نظرثاني جي اشد ضرورت آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي واري ڪا به صورتحال ناهي. انهيءَ قسم جون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن، جڏهن عدالتن مان اهڙا فيصلا اچن ٿا ته عوام جي ذهنن ۾ ايمرجنسي جو تاثر اڀري ٿو، اسان هميشه جمهوريت جي حمايت ڪريون ٿا ۽ انشاءَ الله ملڪ ۾ جمهوريت ئي قائم رهندي، پي ٽي آءِ کي انتشار جي سياست کان پاسو ڪرڻو پوندو، بنون ڇانوڻي تي شرپسندن حملو ڪيو، فائرنگ ٿي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر بنون واقعي جون حقيقتون عوام آڏو رکيون آهن، پي ٽي آءِ کي سياست جو انداز تبديل ڪرڻو آهي، ته 9 مئي جي واقعن تي معافي گهري، اهي ڊجيٽل دهشتگرد آهن، اهڙي عمل کان پري ٿيڻو پوندو، هينئر پي ٽي آءِ- بي جو مستقبل آهي، کين اڳتي اچڻ گهرجي، موٽر وي بابت سوال تي هن چيو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي هڪ اهم منصوبو آهي، اهو منصوبو ختم ناهي ٿيو، ان ۾ ڪجهه مسئلا آهن، اسان کي اميد آهي ته اهي مسئلا حل ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو