اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته ڊي چوڪ تي احتجاج جو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، حڪومت ڪميٽي ٺاهي امير جماعت اسلامي سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.اسلام آباد ۾ وفاقي وزير انجنيئر امير مقام سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جا بيان تضاد جو مجموعو آهن. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير اجلاسن ۽ ملاقاتن ۾ ڪجهه ڳالهيون ڪندو آهي، اسان کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي مسئلن جي خبر آهي.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ٻيلا بيدردي سان ڪٽيا پيا وڃن، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير ٻڌايو ته ٽمبر مافيا خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟،هن چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي، حڪومت سڌارن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، معاشي سڌارن جو ايجنڊا وزيراعظم جي ترجيح آهي. هن چيو ته عوام جي بهتري لاءِ وسيلن کي ڪتب آندو پيو وڃي، ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن.عطاءُ تارڙ چيو ته حڪومت جماعت اسلامي جي امير سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، ان حوالي سان هڪ ڪميٽي قائم ڪري مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، حڪومتي ڪميٽي سندن خدشا ٻڌي، رهنمائي ڪندي ،سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جماعت اسلامي کي لياقت باغ ۾ احتجاج جي اجازت ڏني وئي، بهتر آهي ته هو پاڻ کي ان تائين محدود ڪن، هنڌن تي ڌرڻا ڏيڻ سان شهرين جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو، جڏهن ته امير جو جماعت اسلامي ڳالهين جو اشارو ڏيندو، ساڻن گڏ ويهنداسين،هن چيو ته ڊي چوڪ تي احتجاج جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اتي حساس تنصيبات آهن، ڊي چوڪ جو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، آخري ڀيرو احتجاج دوران ميٽرو بس کي باهه ڏني وئي هئي.هن چيو ته روڊن تي ويهڻ، احتجاج ڪرڻ سان جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي، ڀڃ ڊاهه ڪرڻ مناسب ناهي.










