ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي حمل جي خبر تي مڙس ۽ اداڪار وڪي ڪوشل رد عمل ڏنو آهي.فلم جي پروموشن ايونٽ ۾ صحافين وڪي کان ٻار جي جلد جنم بابت سوال ڪيو ته خوشخبري ڪڏهن اچي رهي آهي؟وڪي ڪوشل جواب ڏنو ته اوهان جيڪا خوشخبري ٻڌائي رهيا آهيو اهي سڀ ڪوڙ آهن ۽ رڳو افواهون آهن، جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ اسان کي خوشي ٿيندي سڀني سان شيئر ڪنداسين ماضي ۾ ڪترينا ۽ وڪي ڪوشل جي ٽيم ڪيترائي ڀيرا اداڪارا جي حامله ٿيڻ جي افواهن کي رد ڪري چڪي آهي.










