“نامعلوم ماڻهو پاڪستاني سفارتڪارن کي تنگ ٿا ڪن”

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) افغانستان جي چارج ڊي افيئر کي پرڏيهي کاتي طلب ڪري پاڪستان حڪومت احتجاج نوٽ ڪرايو آهي ته پاڪستاني سفارتڪارن کي ڪابل ۾ تنگ ٿو ڪيو وڃي ان جي جاچ ڪرايو. ن کان اڳ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي نامعلوم ماڻهو حراس، پريشان ۽ تنگ ڪري رهيا آهن، اهڙي باضابطه شڪايت پاڪستان جي چارج ڊي افيئرز افغانستان جي پرڏيهي کاتي کي ڪئي آهي. پاڪستان جي سفارتڪارن کي تنگ ڪرن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پاڪستاني سفارتڪار جيئن گهران آفيس لاءِ وڃن ٿا ته رستي ۾ سندن گاڏين سان موٽر سائيڪلون ٽڪرايون وڃن ٿيون. پاڪستان چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ڪابل ۾ ٿي رهيو آهيو اهو ويانا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو