ٽنڊو رحيم خان (مير مرتضيٰ) مڙس ۽ سهري جي زيادتين خلاف گاجي شاھ جي رهواسڻ مشرفه شاهاڻي پريس ڪلب پهچي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ مون کي منهنجو سهرو رمضان شاهاڻي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻائيندو هو ۽ مون سان ڏاڍ جي زور تي ننڍي عمر ۾ نظام شاهاڻي سان شادي ڪرائي وئي هئي. انهيءَ واقعي جي دانهن کڻي مان ڊي ايس پي آفيس جوهي پهتس اتان مون کي ڪورٽ پهچايو ويو ۽ منهنجو ڪيس به ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي ان باوجود منهنجي خاندان تي دٻاءُ وجهي اسان کي رئيس پير محمد خان ولد سردار چاڪر خان شاهاڻي وٽ نيو ويو جتي مون کي منهنجي ساهرن وٽ رهڻ لاءِ جرڳو ڪيو ۽ منهنجي مائٽن دٻاءُ ۽ خوف سبب فيصلو قبول ڪيو. منهنجا ساهرا بااثر آھن انهن مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آھن جنهن سبب اسان جي خاندان کي خطرو آھي. هن ايس ايس پي دادو ۽ اعلي اختيارين کي التجا ڪئي ته مون کي منهنجي مائٽن جي حوالي ڪري منهنجي زندگي بچائي وڃي ۽ جرڳو ڪندڙ بااثر خلاف ڪارروائي وڃي.










