چيف جسٽس ۽ جسٽس منيب اختر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

چيف جسٽس ۽ جسٽس منيب اختر ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس منيب اختر وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏنا ته نوٽيفڪيشن موجب سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ ڪا به سيٽ ناهي کٽي، اليڪشن ڪميشن جي حڪمن ۾ ڪو به منطق ناهي، اليڪشن ڪميشن هڪ طرف چوي ٿي ته سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن نه وڙهي آهي ٻئي پاسي ان کي پارلياماني پارٽي تسليم ڪندي پي ٽي آءِ وارن جي شموليت کي تسليم به ڪري ٿي. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن سني اتحاد ڪونسل غلطي ڪئي هئي ته اليڪشن ڪميشن ان کي درست ڪري سگهي پئي. جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي نه پر تحريڪ انصاف کي ملنديون. جسٽس اطهر من الله چيو ته عوام کي چونڊ عمل کان ڪڏهن به ڌار نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عوام آزاد نه پر سياسي پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏنو هو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي کي ججن جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان روڪيندي چيو ته اوهان پنهنجا دليل ڏيو. چيف جسٽس هڪ موقعي تي وڪيل کي چيو ته اسان پنهنجو فيصلو بعد ۾ ڪنداسين، اوهين دليل ڏيو ۽ پنهنجو موقف سمجهايو. توهان پنهنجا دليل نه ڏنا ته مان ڪيئن سمجهندس ته اوهان جي لاءِ ڇا لکان، مان سمجهان ٿو جناب فيصل صديقي صاحب، اسان اوهان جي ڳالهه ٻڌي رهيا آهيون. جسٽس منيب اختر چيو ته هي غير ذميواراڻو بيان آهي، فل ڪورٽ ۾ موجود هر جج کي سوال پڇڻ جو حق آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته فيصل صاحب اڳتي وڌو، مان نرم انداز ۾ ڳالهايو، جسٽس منيب اختر چيو ته اهو غير ذميواراڻو بيان آهي جيڪو قبول نه ٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو