قاضي احمد(ن س)ڳوٺ شير علي کوسو مان 10 سال اڳ پنجاب مان اغوا ٿيل عورت کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته قاضي احمد جي رهواسي ڪريم کوسو عورت کي اغوا ڪندڙن کان خريد ڪري ساڻس شادي ڪئي. پوليس جوابدار ڪريم کوسو کي گرفتار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ مغوي عورت جو چوڻ هو ته هوءَ شادي شده هئي، اغوا ڪندڙن کيس هتي وٺي اچي وڪرو ڪيو ۽ ڪريم کوسو مان کيس 3 ٻار آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته بازياب ٿيل عورت ۽ ٻارڙن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.










