لکي (ن س) سکر پوليس جي ترجمان شام جو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته باگڙجي واري علائقي مان اغوا ٿيل ٽنهي پيرن کي ٻن ڪلاڪن جي پوليس مقابلي بعد ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيلن جي چوٿين ساٿي ڪامل شاهه جيڪو وجهه وٺي فرار ٿي ويو هو تنهن جي اطلاع تي پوليس ترت ڪاروائي ڪري ٽنهي مغوين کي آزاد ڪرايو آهي. ان کان اڳ آچر تي صبح ڪڻڪ جي لاباري بعد ٿريشر لڳڻ وقت خيرات وٺڻ لاءِ آيل ٽن پيرن جي ڌاڙيلن هٿان اعُوا ٿيڻ جي خبر ملي هئي. جهلي ڪلواڙي لڳ ڳوٺ حيدر شاهه جا 3 رهواسي جانب شاهه، جاويد شاهه ۽ ظهور شاهه ساليانو چندو گڏ ڪرڻ لاءِ مختلف زميندارن جي هلندڙ ٿريشرن تي ڪڻڪ وٺڻ پهتا ته کين اغوا ڪيو ويو هو. ڌاڙيلن هنن کان ڀنگ طلب ڪيو آهي.










