اسد جي ضمانت منظور، آزادي جو حڪم ، نوٽيس غير قانوني قرار

اسد جي ضمانت منظور، آزادي جو حڪم ، نوٽيس غير قانوني قرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسپيشل جج سينٽرل اسلام آباد صحافي اسد تورا جي گرفتاري بعد ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت 5 هزار رپين جا مچلڪا منظور ڪري کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جڏهن ته گرفتاري کانپوءِ اسد جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي ته ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر ضمانت واري درخواست جي مخالفت نه ڪئي. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي اسد کي نوٽيس جاري ڪرڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي اسد پاران ايف آءِ اي جي نوٽيسز خلاف داخل درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قانون خلاف نوٽيس جاري ڪيا ويا ۽ پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد لاڳاپيل فورم ڏانهن رجوع ڪري سگهجي ٿو.عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته پاڻ وٽ نوٽيس جو اختيار ناهي، ان ڪري اسد کي آزاد ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏئي سگهجي، رڳو نوٽيس کي چئلينج ڪيو ويو، ان ڪري درخواست تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق 7 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو