اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کان صوبي ۾ نئين چيف سيڪريٽري جي مقرري ۽ فنڊ جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات لاءِ پهتو جتي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ٿي. علي امين گنڊاپور ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف کان خيبرپختونخواهه ۾ شهاب علي شاهه کي نئون چيف سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير طرفان شهباز شريف کان ٻين صوبن جيان خيبرپختونخواهه کي به فنڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.ٻڌايو پيو وڃي ته اهم ملاقات ۾ وزيراعظم ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير وچ ۾ مختلف سياسي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون.










