اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ جي مخصوص سيٽن تي مبينه طور تي ڪنهن ٻئي عورت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل آر او کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.جمعيت علماءِ اسلام طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن اسان جي مخصوص سيٽ تي صدف احسن نالي عورت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي جڏهن ته صدف احسان نالي عورت نه اسان جي پارٽي ميمبر آهي نه ئي اهو نالو اسان جي فهرست ۾ آهي. صدف احسان جو نوٽيفڪيشن رد ڪري حنا بي بي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. ان سان گڏ غلط نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي جاچ ڪرائي وڃي.جي يو آءِ جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسر کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي اليڪشن ڪميشن طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته جمعيت علماءِ اسلام عورتن جي مخصوص سيٽن جي لاءِ ريٽرننگ آفيسر وٽ جيڪا لسٽ جمع ڪرائي وئي آهي انهي ۾ صدف ياسمين نالي عورت جو نالو شامل هو جنهن عورت نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن ان جو پورو نالو صدف احسان آهي ۽ اها لکي مروت جي رهواسڻ آهي.جي يو آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته صدف احسان اسان جي اميدوار نه آهي پر صدف ياسمين اسان جي اميدوار آهي. صدف ياسمين اليڪشن ڪميشن ۾ ڪي به نامزدگي ڪاغذ جمع ناهن ڪرايا.










