اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي سياسي مستقبل جي رٿابندي ڪري ورتي آهي.اڳوڻي نگران وزيراعظم پنهنجي سياسي مستقبل بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته هو نئين سياسي پارٽي ٺاهي يا پارٽي ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. پنهنجي ڪابينا جي ڪارڪردگي بابت ڳالهائيندي هن چيو ته نگران حڪومت ۾ فواد حسن فواد، محمد علي ۽ ناڻي واري وزير شمشاد اختر جي ڪارڪردگي بهترين هئي.انورحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته عالمي دوري دوران کيس رڳو تاريخون تحفي طور ملنديون هيون ۽ کاڌي پيتي جو سامان الماري ۾ جمع نه هوندو هو.










