ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ جنيد غالب بلوچ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ مغل خان سھرياڻي مان نامعلوم ڏوهاري پيءُ پٽ سميت ٽي ماڻهو اغوا ڪري ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا. اغوا ٿيلن ۾ علي بھار سھرياڻي، ذيشان سھرياڻي ۽ شمن سھرياڻي شامل آھن. اطلاع تي سھرياڻي برادري جا ماڻهو اغوا واري جاءِ تي جمع ٿي ويا. پوليس به جاءِ واردات تي پهچي تفصيل معلوم ڪيا پر خبر لکڻ تائين ڪا ڪاروائي نه ڪئي وئي هئي. ياد رهي ته ڪنڌ ڪوٽ مان گذريل هفتي دوران اغو ٿيلن جو انگ 7 ٿي ويو آهي.










