چيف جسٽس خلاف ڌمڪين واري مھم هلائيندڙ شخص گرفتار

چيف جسٽس خلاف ڌمڪين واري مھم هلائيندڙ شخص گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ خلاف سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏيندڙ مهم هلائيندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.ذريعن موجب راولپنڊي جي رهواسي چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف سوشل ميڊيا مهم شروع ڪري ڇڏي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالواسع چيف جسٽس کي ايڪس تي ڌمڪيون ڏنيون ۽ سندس ڪردار کي بدنام ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن عبدالواسع کي حراست ۾ ورتو آهي.ذريعن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان خلاف سوشل ميڊيا مهم جي باقي ڪردارن جي به نشاندهي ڪئي پئي وڃي.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته باقي ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو