رحيم يار خان ريلوي اسٽيشن ڀرسان ٽريڪ بحال

رحيم يار خان ريلوي اسٽيشن ڀرسان ٽريڪ بحال

سکر (ن س )رحيم يار خان ريلوي اسٽيشن ويجهو مال بردار گاڏي جون ٻه بوگيون هٽائي مال گاڏين کي بيهاريو ويو، اپ ۽ ڊائون ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو.ڊي ايس ريلوي سکر موجب رحيم يار خان ريلوي اسٽيشن وٽ ٽريڪ تبديل ڪرڻ دوران مال بردار ٽرين جون ٻه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون. جنهن سبب ڊائون ٽريڪ تي ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.6 ڪلاڪن جي امدادي ڪاررواين کانپوءِ ٻنهي بوگين کي ٽريڪ تان هٽايو ويو ۽ متاثر سامان گاڏي کي روانو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو