اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي لهر آهي، ان ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي موبائل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو سڪيورٽي خدشن جي تناظر ۾ ڪيو ويو آهي، ان ڪري ڪنهن به غلط نقطه نظر کان فيصلي کي نه ڏٺو وڃي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلام آباد جي ماڊل ڪاليج فار بوائز پهتو، جتي هن چونڊ عمل جو جائزو ورتو ۽ ووٽرن سان انتظامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊون پرامن آهن، شهري پنهنجا حق استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.نگران وزيراعظم چيو ته ٽرن آئوٽ بابت ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو پر اميد آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.










