حارث نواز سان يورپي يونين جي 4 رڪني وفد جي ملاقات

حارث نواز سان يورپي يونين جي 4 رڪني وفد جي ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران گهرو وزير ۽ جيل برگيڊيئر (ر) حارث نواز سان يورپي يونين جي 4 رڪني وفد جي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ پڻ موجود هو. وفد 2024ع جي چونڊن جي انتظامن خاص ڪري امن امان جي قدمن ۽ آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انتظامي انتظامن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفد کي سڪيورٽي جي انتظامن بابت بريفنگ ڏيندي گهرو وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان چونڊون شفاف انداز ۾ ڪرائڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪيو پيو وڃي. هن بروقت، آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن جي انعقاد کي يقيني بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته مانيٽرنگ سيٽ اپ مڪمل طور تي غير جانبدار رهندو. هن وڌيڪ چيو ته اها نگران حڪومت جي آئيني ذميواري آهي ته هو ووٽرن ۽ چونڊ وڙهندڙ اميدوارن کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪري ۽ حڪومت ان مقصد لاءِ مناسب قدم کڻي رهي آهي. يورپي يونين جي وفد ان اميد جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت اليڪشن ڪميشن پاڪستان جي آئين مطابق آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو