ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته عام چونڊون 8 فيبروري 2024 تي ٿينديون جنهن جو مقصد قومي اسيمبليءَ لاءِ 61 ۽ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ 130 ميمبرن جي چونڊ ڪرڻ آهي ۽ چونڊن جي شفاف، منصفاڻي ۽ آزاداڻي انعقاد لاءِ 133000 پوليس اهلڪارن، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي جوانن تي ٻڌل سيڪيورٽي فورس مقرر ڪئي ويندي. سنڌ جي نگران حڪومت صوبي ۾ آزاد، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي. هن اها ڳالهه اڄ هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ ايندڙ عام چونڊن جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، وزير اطلاعات احمد شاهه ۽ وڏي وزير جو خاص مددگار ايڊووڪيٽ معيز بيگ به ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ 61 قومي ۽ 130 صوبائي اسيمبلين جي سيٽن تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته 19006 پولنگ اسٽيشنون هونديون جن مان 6531 حساس ۽ 6496 انتهائي حساس آهن. هن چيو ته مون چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ ڊي جي رينجرز سان تفصيلي ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، ڊي آءِ جيز ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ شرڪت ڪئي. ۽ وڌيڪ چيو ته امن امان جي مجموعي صورتحال، اڻهوند سهولتن جي فراهمي ۽ ضرورت پوڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته سڪيورٽي آڊٽ کانپوءِ پوليس 109000 پوليس فورس مڪمل ڪئي ۽ 105000 اهلڪار موجود آهن ۽ 4000 پوليس اهلڪارن جي کوٽ آهي جنهن کي صوبائي حڪومت جي معاون فورسز جهڙوڪ اينٽي انڪروچمينٽ فورس، ايڪسائيز پوليس، اينٽي ڪرپشن سول ڊفينس، فرنٽيئر ڪانسٽيبلري ذريعي پوري ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليس کان علاوه 10 هزار رينجرز ۽ 14 هزار پاڪ فوج جا جوان به اليڪشن ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. وڏي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پوليس اهلڪارن کي ماسٽر ٽرينرز طور تربيت ڏني آهي ۽ اهي (ماسٽر ٽرينرز) ٻين اهلڪارن ۽ معاون فورس کي وڌيڪ تربيت ڏيندا. هن وڌيڪ چيو ته سي پي او ۾ اليڪشن سيل قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي جتي شڪايتن جو ازالو، معلومات وٺڻ ۽ ٻيا لاڳاپيل معاملا اڪلايا ويندا. ۽ سي پي او ۾ هڪ اضافي ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو گهرو معاملن واري وزارت جي ڪنٽرول روم سان ويجهي رابطي ۾ هو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته گذريل چونڊن دوران جن ضلعن ۾ ڇڪتاڻ هئي انهن ضلعن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي جتي چونڊن واري ڏينهن صورتحال معمول تي رکڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته نظرثاني اجلاس ۾ کيس ڪمشنرن کان انهن اسڪولن جي مرمت بابت آگاهي ڏني جتي پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون پيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته لڳ ڀڳ سمورن اسڪولن جي عمارتن جي مرمت ٿي چڪي آهي ۽ ضروري سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن جڏهن ته چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو سمورن ڪمشنرن کان اسڪولن جي مرمت لاءِ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري. هڪ ٻئي سوال تي وڏي وزير چيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر کيس اجلاس ۾ ٻڌايو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي شروع ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بيلٽ پيپرز کي محفوظ طريقي سان مقرر وقت تي منزل تائين پهچائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي مدد ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله کيس ٻڌايو ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جا انتظام مڪمل آهن ۽ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي. وڏي وزير ميڊيا کي ٻڌايو ته چونڊ عملي کي فراهم ڪيل گاڏيون سٺي حالت ۾ آهن. هن چيو ته اسان سمورن پولنگ اسٽيشنن تي بجلي، ٽرانسپورٽ، مناسب سڪيورٽي، پاڻي، صفائي سٿرائي ۽ ٻيون سهولتون جي فراهمي کي به يقيني بڻائينداسين. ۽ وڌيڪ چيو ته پولنگ اسٽيشنن جي چوڌاري ايمبولينس، فائر ٽينڊر ۽ ضروري سامان سان ليس ڊاڪٽر ۽ سندن ٽيمون مقرر ڪيون وينديون. وڏي وزير ميڊيا کي ٻڌايو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ حڪومت پاران فراهم ڪيل سهڪار، ضروري مدد ۽ سهولتن کان مطمئن آهي. آخر ۾ هن چيو ته اسان وقت بوقت انتظامن جو جائزو وٺندا رهنداسين ته جيئن سمورن معاملن کي محفوظ ۽ صحيح طريقي سان سرانجام ڏنو وڃي.










