اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انٽرنيٽ سروسز متاثر ٿي ويون. اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن مان انٽرنيٽ سروسز متاثر ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن. واهپيدار فيس بُڪ، انسٽاگرام، يوٽيوب ۽ ايڪس سائٽس تائين پهچ ۾ ڏکيائين ئي منهن ڏئي رهيا آهن. سوشل ميڊيا واهپيدارن پهچ نه هجڻ جون شڪايتون ڪيون آهن پر پي ٽي اي طرفان ڪو بيان يا ڪارڻ سامهون ناهي آيو.










