گهوٽڪي (ن س) قادرپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نجي بينڪ ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان قتل ٿي ويو،قادرپور شهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نجي بينڪ ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان جان محمد سندراڻي قتل ٿي ويو،اکين ڏٺن شاهدن موجب بس اسٽاپ تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري سبزي وٺندڙ نوجوان کي قتل ڪيو،واقعي واري هنڌ موجود ماڻهن نوجوان جان محمد سندراڻي جو لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو،پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، نوجوان کي دشمني تحت قتل ڪيو ويو آهي يا ٻيو ڪو معاملو آهي










