صالح پٽ (نياز مهر) نارو تعلقي جي سوراھ ٿاڻي جي حد مان موبلنڪ ٽاور جي گارڊن کان هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦورو ٽاور مان اٺ بيٽريون لاهي ورتيون. ڦورو ڪار تي بيٽريون کڻي وڃي رهيا هئا ته خفيا اطلاع ملڻ تي جنوجي چوڪي جو انچارج بشير خان جاگيراڻي جيڪو گشت ڪري رهيو هو تنهن چونڊڪو روهڙي روڊ تي ڪار نه روڪڻ تي پيڇو ڪيو ته ڦورن ھوائي فائرنگ ڪئي. پوليس به جوابي فائرنگ ڪئي ڦورو ڪار ڇڏي ڀڃي رهيا هئا ته گشتي پوليس ڦورن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو ۽چار ڦورو ارشاد، انور، اشفاق ۽ طالب کي ڪار سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ڦورن ٻڌايو ته هنن خيرپور ضلعي جي نارو تعلقي ۾ واردات ڪئي آهي.










