“ڪامياب نوجوان پروگرام” جو افتتاح، بنا ڊيزل اسمبلي هلي پئي، خان

“ڪامياب نوجوان پروگرام” جو افتتاح، بنا ڊيزل اسمبلي هلي پئي، خان

اسلام آباد(اياز مهر) پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان “ڪامياب جوان پروگرام” جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته 100 ارب روپين جي هن پروگرام مان 25 ارب عورتن لاءِ مختص ڪيا آهن. هڪ لک تائين قرض تي وياج نه هوندو، نوجوان گهر ويٺي آن لائن درخواست ڏيندا، ڪا سفارش نه هلندي ميرٽ تي گهر ويٺي قرض ڏنو ويندو. پاڪستان جي 45 پٺتي پيل غريب ضلعن جا نوجوان قرض وٺي سگهندي، 10 هزار کان 50 لک تائين قرض ملي سگهندو. 10 ارب روپيا هڪ لک استادن جي تربيت ڪئي ويندي، 2 هزار استادن کي پرڏيهه تربيت لاءِ موڪليو ويندو. هن چيو ته مدرسن ۽ اسڪولن جو هڪجهڙو نصاب هوندو 500 مدرسن ۾ هنري تربيت جو ليبارٽريون قائم ٿينديون. هن چيو ته تاجر ٽيڪس نٿا ڏيڻ چاهين کين ذهن بدلائڻو پوندو، پنڻ جي پيسن تي عظيم قوم نه ٺهندي آهي، ٽيڪس سڀني کي ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مديني جي رياست هڪ ڏينهن ۾ ڪو نه ٺهي هئي. ان لاءِ آهستي آهستي ڪردار بدلائڻو پوندو. هن چيو ته ميرٽ تي پورا لهندڙ فضل الرحمان جي ماڻهن کي به قرض ملندو، هن مٿس تنقيد ڪندي چيو ته هي واحد  اسمبلي آهي جيڪا بنا ڊيزل تي هلي رهي آهي. هن سيالڪوٽ مان خواجا آصف کان هارايل اميدوار عثمان ڊار کي هي پروگرام ترتيب ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو