اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)موسمياتي تبديلي واري وزارت جي عملدارن سينيٽ جي هڪ پينل آڏو اقرار ڪيو آهي ته سنڌو درياهه دنيا جو ٻيو وڏو آلودگي وارو درياهه بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي 388 شهرن جو گندو پاڻي ۽ مختلف فيڪٽرين جي ڪيميڪل واري پاڻي جو سڌو سنئون ڇوڙ سنڌوءَ ۾ ڪري ٿو. اسانکي فوري طور تي ان جو متبادل ڳولڻو پوندو ۽ گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻا پوندا. سينيٽ جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيمي ايزدي جي صدارت هيٺ اربع تي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. ايزدي جو چوڻ هو ته جڏهن هوءَ ڪراچي کان واپس وفاقي راڄڌاني پهتي ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪوهيڙو ڏسي حيران ٿي وئي. هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد اهڙو شديد ڪوهيڙو اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. پاڪستان موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل مهر صاحبزاد خان ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڊسمبر ۾ برسات نه پوڻ سبب اسلام آباد ۾ ڪوهيڙو وڌي ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جنوري جي آخري هفتي ۾ بارش متوقع آهي. موسميات کاتي وارن اجلاس کي آگاهه ڪيو ته اسلام آباد ۾ پنج بٺا بند ڪيا ويا آهن، بٺن ۽ گاڏين جو دونهون، فصل کڻڻ بعد باقيات کي باهه ڏيڻ ۽ ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهر ڌنڌ جو سبب بڻجن ٿا. انٽرنيٽ تي سرچ دوران سڀ کان وڌيڪ 10 آلوده درياهن ۾ سنڌو شامل ناهي پر موسميات کاتي سرڪاري طور ان کي دڪليئر ڪيو آهي. ياد رهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آلوده پاڻي وارو درياءُ هندوستان جو گنگا درياءُ آهي جيڪو هندو مذهب جي حوالي سان مقدس درياءَ آهي ۽ 2 ارب ماڻهو ان سان وابسطا آهن.










