نيوزيلينڊ وومين ٽيم ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪامياب

نيوزيلينڊ وومين ٽيم ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪامياب

ڊنيڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ۽ نيوزيلينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت ڪيويز کٽي ورتي. برسات سبب ميچ مڪمل نه ٿي سگهي ۽ گرين ڪيپس 6 وڪيٽن تان هارائي، پر پاڪستان وومين ٽيم سيريز ٻه- هڪ تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان وومين ٽيم ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 138 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو.نيوزيلينڊ جي شهر ڪوئنسٽائون ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پاڪستان طرفان سدرا امين ٽاپ اسڪورر رهي، جنهن 38 بالن تي 43 رنسون ٺاهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو