ڏکڻ آفريڪا جو دورو، ڪوهلي پاران آرام ڪرڻ جو امڪان

ڏکڻ آفريڪا جو دورو، ڪوهلي پاران آرام ڪرڻ جو امڪان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي جي ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي وائيٽ بال سيريز کان الڳ ٿيڻ جو امڪان آهي.ميڊيا رپورٽ موجب ويرات ڪوهلي رڳو ٽيسٽ سيريز جو حصو هوندو، هن ڀارتي بورڊ کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.ويرات ڪوهلي وائيٽ بال سيريز مان وقفي وٺڻ بابت بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هو باڪسنگ ڊي تي سينچورين ۾ شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ جو حصو هوندو.واضح رهي ته ويرات ڪوهلي اڄڪلهه لنڊن ۾ موڪلون ملهائي رهيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما جي موجودگي بابت ڪجهه به واضح ناهي، هو انگلينڊ ۾ موڪلون به ملهائي رهيو آهي.ڀارتي بورڊ جو سيڪريٽري جئي شاهه جلد روهت شرما سان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ سندس مستقبل بابت ڳالهائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو