لاهور (ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد آصف اوپنر عبدالله شفيق کي ڪپتاني لاءِ بهترين آپشن قرار ڏئي ڇڏيو.تازو ئي ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪيٽ پاڪستان کي انٽرويو ڏيندي محمد آصف چيو ته هن موجوده ڪپتان بابر اعظم کي صلاح ڏني آهي ته هو سمورن فارميٽس ۾ ڪپتاني ڇڏي وڃي.هن چيو ته عبدالله شفيق هاڻوڪي دور ۾ شاندار راند کيڏي آهي پر شاٽ سليڪشن تي وڌيڪ محنت سان هو پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ گهڻو وقت ڪامياب ڪپتان طور ڪم ڪري سگهي ٿو.اڳوڻي فاسٽ بالر سرفراز احمد کي آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪپتان مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته ريورس گيئرز جي ضرورت ناهي، پاڪستان کي ايندڙ 10 سالن جي پلاننگ ڪرڻ گهرجي.










