سنڌ جي وجود جي بقا ڌارين جو خاتمو

سنڌ جي وجود جي بقا ڌارين جو خاتمو

اعجاز ممنائي
سنڌ جي وجود لاء ڌارين خاص طور پٺاڻن جي جيڪا يلغار سنڌ مٿان آفت بڻجي آئي هئي، اھا روز روز سنڌ جي سيني ۾ ڪوڪن جيان چڀندي پئي رھي ٿي۔ ولي خان کان وٺي، اچڪزئي ، ۽ منظور پشتين تائين سڀ جو سڀ نه رڳو ان يلغار جا ھميشه حمايتي رھيا آھن پر ھو خاص طور ڪراچيء کي پٺاڻن جو وڏي ۾ وڏي آباديء جو شھر ۽ ان جي چاٻي پاڻ وٽ ھجڻ جي دعويٰ ڪندا رھيا آھن، ٻئي طرف پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ اسيمبليء مان پٺاڻن افغانين سميت ٻين ڌارين جي آبادين کي ريگيولر ڪرڻ لاء نه رڳو ٺھراء پاس ڪرايا پر اھا ئي پارٽي ڪراچيء سميت سنڌ جي ٻين شھرن مان پٺاڻن کي، بلدياتي، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ ميمبرشپ ڏيندي رھي، پيپلز پارٽي حڪومت جي بڇڙائي رڳو ان ھنڌ نه کٽي پر سنڌ جي وسيلن کي به ڌارين لاء دان ۽ پنھنجن لاء زيان ڪندي رھي ۽ اھو نه وسارجي ته سنڌ دشمني ۾ رڳو پيپلز پارٽي ئي پاڻ موکڻ تي نڪتل نه ھئي پر اقتدار جي ھٻڇ رکندڙ ھر ڌر جا لڇڻ ساڳيا رهيا ، تنھنڪري اقتدار جي ڌٻڻ واري سياست بدران سنڌ جي آزاديء واري واٽ اختيار ڪڻ بھتر عمل هو ظلم جي انتها اها هئي جو سنڌ جي سمورن علائقن ۾ پٺاڻن جي يلغار ۾ اضافو ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو جھڙوڪر سموري ڌرتي ننڌڻڪي بڻجي وئي۔ ڏسندي ڏسندي لکن جي تعداد ۾ افغاني پناھگير سنڌ ۾ رھائش پزير بڻجي ويا ۽ سنڌ جي چپي چپي کي خون سان رنگين ڪري ڇڏيو پر مجال آھي جو انھن بگھڙن تي انتظاميه جي نظر پئي ۽ کين ڪو ٻنجو ڏين، ويتر انھن کي شناختي ڪارڊ ٺھرائي مستقل رهائش ڏني وئي کين ڊوميسائل ٺھرائي نوڪريون ڏنيون ويون۔ تازو ملڪ ۾ ھلندڙ ڌارين جي آپريشن ۾ اسلام آباد کان وٺي ڪراچي تائين جي ڌارين جو رٔخ اسانجي سنڌ طرف رهيو ۽ انھن ڌارين لاء سنڌ پناھ گاھ جو مرڪز بڻيل رھي ۽ سموري سنڌ منشيات بدامني سان ڀريل رھي پر خبر ناھي ته سرڪار توڙي سمورن ضلعن جي انتظاميه ڪھڙي ڪاروبار سان لڳل رھي جو مٿن ڪو قدم کڻي يا گرفتار ڪرڻ لاء تيار هجي۔ پر چوندا آھن ته ”دير آمد، درست آمد“ سو نيٺ ملڪ جي واڳ ڌڻين فيصلو ڪيو آھي ته ملڪ مان غير قانوني پرڏيهين خاص طور تي افغانين کان پاڪ ڪيو ويندو، ان لئه 31 ھين آڪٽوبر تائين تاريخ ڏني وئي آھي،جيڪو الٽيميٽم اڄ پورو ٿي چڪو آھي۔ ايپيڪس ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو هو ته پھرين نومبر کان غير قانوني پرڏيھين کي سندن ملڪ موڪليو ويندو. ھن فيصلي کي جذباتي طور تي اسان صرف غير قانوني افغانين ، برمين , بنگالين ، جي پسمنظر ۾ ڏٺو پر ھن فيصلي جو عالمي حالتن ، پاڪستان ۽ افغانستان جي پرڏيھي پاليسين توڙي عالمي وايومنڊل ۾ پاڪستان جو چين ، روس ، ايران کي ويجھو ٿيڻ، افغانستان جي طالبان سرڪار پاران پاڪستاني طالبان منجھان ھٿ نه ڪڍڻ جي پسمنظر ۾ به ڏسڻ گھرجي، نگران سرڪار ملڪ جون واڳون سنڀالڻ بعد پاڪستان مان افغانين جي نيڪال جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو ۽ هڪ مهيني جي ڪارڪردگي ڪا مثبت نه رهي ان جي باوجود سٺي توقع رکي وئي ڇوته افغاني طالبان ۽ امريڪا جي جنگ خطي ۾ دھشتگردي جي جيڪا لھر آندي تنهن پاڪستان جو عظيم سرمايو ضايع ڪيو۔ان سان گڏ اترين علائقن ۽ بلوچستان ۾ پاڪ فوج تي حملا ڪيا ويا, پاڪستان پاران افغانستان سان ٿيندڙ وڻج واپار تي پابنديون لڳايون ويون، ڊالر جي اسمگلنگ کي عام ٿيڻ لڳي جنهن جو سڌو سنئون پاڪستاني معيشيت تي اثرات پيا ۽ تيل توڙي عام واهپي جي شين تي تمام خراب اثر پيا ۽ پاڪستاني عوام پريشان ٿي اجتماعي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو۔ نيٺ نگران سرڪار زميواريء جو احساس ڪندي پرامن افغانستان طرف پنهنجي ماڻھن کي وڃڻ جو چيو ڇوته هاڻي سندن ملڪ ۾ امن و امان جي فضا قائم ٿي چڪي آھي انڪري کين فيصلي جي آجيان ڪرڻ گهرجي تازو افغانستان جي پرڏيھي وزارت جي ھڪ وفد اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پرڏيھي وزارت جي وفد سان ملاقات به ڪئي ۽ ھڪ وضاحتي بيان جاري ڪندي چيو ته پاڪستان سرڪار صرف افغاني پرڏيھين نه پر سمورن ملڪن جي پرڏيھين بابت فيصلو ڪيو آھي ان جو افغاني پٺاڻن سان نه جوڙيو وڃي پر ياد رھي ته پاڪستان جي اھڙي وضاحت کان صرف ٻه ڏينهن اڳ افغانستان جي طالبان ترجمان جو بيان جاري ٿيو ھئو جنھن ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان اھو فيصلو تڪڙ ۾ ڪيو آھي کيس پنھنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي. پاڪستان ۾ رھندڙ افغاني پناهگيرن جي حوالي سان اھم ڳالھه اھا به آھي ته ھيء افغاني گڏيل قومن جي فيصلي تحت آيل آھن ، ان ڪري ھتي رھندڙ افغانين جي اڪثريت کي قانوني تصور ڪيو پيو وڃي ، غير قانوني مان مطلب صرف آھي افغاني ھوندا جن وٽ ڪو به دستاويز نه ھوندو ، جن ۾ گھڻو ڪري اڄڪلھه پوليس ڪچرو چونڊيندڙ افغانين ، يا ھوٽلن تي مزدوري ڪندڙ افغانين کي پڪڙي رھي آھي پر ايپيڪس ڪاميٽي جو فيصلو ڏوھاري افغانين جي پسمنظر ۾ ڪيو ويو آھي. جيئن ته غير قانوني پرڏيھين جو سڀ کان وڏو انگ سنڌ ۾ رھي ٿو تازو آئي جي سنڌ ۽ مختلف ايجنسين جي رپورٽن ۾ به اھو ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ لکين افغاني رھن ٿا جن مان ڪيترائي ڏوھن ۾ ملوث آھن۔ انڪري سنڌ جي نگران وڏي وزير جي صدارت ھيٺ ٿيل سنڌ ايپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ افغانين خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ڇوته بنيادي طور تي ھي فيصلو به ملڪي اسٽبلشمنٽ جو فيصلو آھي ته پوري ملڪ بالخصوص ڪراچي ۾ رھندڙ ٽيھه لک افغانين کي حڪومت پڪڙي ٻاھر موڪليندي ۽ اهو سلسلو سڀاڻي کان شروع ٿيڻو آھي هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته سرڪار ان نيڪ مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي سگهي ٿي ڇوته اسان سڀني ڏٺو آھي ته ڪراچي سميت سموري سنڌ گذريل ٽيھارو سالن کان بدامنيء جي ور چڙھيل آھي ان ۾ ڏوھاري افغانين جو وڏو هٿ آھي زمينن جو ڪاروبار ھجي، منشيات جو ڪاروبار ھجي يا اسٽريٽ ڪرائيم ھجي سمورن ڏوھن ۾ افغاني ملوث آھي۔ ھاڻي ته اسمگلنگ ۾ افغاني ظاھر ٿيا آھن ، کنڊ ، اٽي ۽ ڊالر جي اسمگلنگ ۾ افغاني گروھن جا ثبوت مليا آھن جنھن سبب پاڪستان معاشي طور ڪمزور ٿيندو پيو وڃي۔جمهوري حڪومت ۾ ته ڪراچيء اندر افغاني جھنڊا جھولائڻ جي پريڪٽس ڪئي وئي ۽ اعلان ڪيا ويا ته پاڪستان کي افغانستان بڻائينداسين۔ ائين سنڌ جي هر شهر ۾ افغاني وستيون قائم ڪيون ويون ۽ سمورا ڪاروباري مرڪز پٺاڻن جا ٿيڻ لڳا ڪراچي جي ٽرانسپورٽ تي افغاني قابض ٿي ويا۔پاڪستان جي انٽيليجنس ايجنسين جي رپورٽ موجب افغان ٽريڊ ٽرانزٽ جي ڪري ئي اسمگلنگ ۾ واڌارو ٿيو، ڪراچي ۾ افغانين جا پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ ٺھڻ ته ڄڻ پراڻو قصو ٿي ويو هو، ڪراچي ۾ رھندڙ سمورا افغاني جعلي شناختي ڪارڊ تي جعلي پاسپورٽ ٺھرائي پاڪستاني بڻجي سڄي دنيا ۾ وڻج واپار ڪري رهيا هئا جن جي نشاندهي سعودي عرب به ڪئي ۽ جعلي افغانين کي پڪڙي جيل موڪليو ويو هاڻي سرڪار ڏوھاري افغاني گروھن خلاف ڪاروائي ڪري کين پنهنجي ملڪ موڪلي هن وقت ڪراچي ۾ افغان ڪئمپن ۾ به لکين پناهگير رھن ٿا ، سھراب ڳوٺ ڀرسان موجود افغان بستي ان جو وڏو مثال آھي، ان بستي ۾ خود پوليس تي ڏوهاري افغانين ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا آهن انهن جي سرپرستي ڪير ڪري رهيو آھي انهن خلاف به آپريشن ٿئي ته جيئن ڌرتي ڌارين کان مڪمل طور پاڪ ٿي سگهي۔ اسان سنڌي قوم هر ڀيري يتيمن کي پناهه پئي ڏني آھي پر انهن پناهه مان غلط فائدو ورتو آھي۔
ٻه سال اڳ افغانستان مان آمريڪي فوجين جي نڪرڻ بعد جڏھن طالبان جي حڪومت آئي ته ان لھر ۾ ئي پنج لک افغاني پاڪستان پھتا ھئا جن مان اڪثريت ڪراچي پھتي ، اڄ ڪراچي سڄي پاڪستان ۾ افغانين جو سڀ کان وڏو شھر آھي ان بنياد تي ئي پشتو ڳالھائيندڙ سياستدان فخر ڪن ٿا ته ڪراچي مھاجرن بعد ٻئي نمبر تي پٺاڻن جو شھر آھي اھو ئي ڪارڻ آھي ته ڪراچي ۾ جڏھن افغان پناهگيرن خلاف ڪاروائي ٿئي ٿي نه رڳو طالبان ردعمل جو اظھار ڪن ٿا پر مولانا فضل الرحمان ولي خان ۽ سراج الحق کي به افغانين خلاف آپريشن تي تڪليف محسوس ڪن ٿا جيڪڏهن کين تڪليف ٿئي ٿي ته پنهنجن صوبن ۾ کين پناهه ڇو نه ٿا ڏين۔ اسين سنڌي ماڻھن سڀني ڌارين جو ٺيڪو نه کنيو آھي۔ نگران سرڪار جو هيء قدم نهايت ئي ساراهه جوڳو آھي پر ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته ان لاء سخت پاليسي اپنائي افغاني پناهگيرن سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي ڏئي ملڪ ۽ قوم جي بهتريء لاء ڪم ڪيو وڃي ۽ اهو آپريشن تيستائين جاري رکيو وڃي جيستائين هڪ به ڌاريو هن ڌرتيء تي موجود آھي ۽ مستقبل لاء اهڙي پاليسي مرتب ڏني وڃي ته جيئن ڪوبه ڌاريو ملڪ اندر غير قانوني داخل نه ٿي سگهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو