ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت استادن جي هڪ تنظيم گسٽا جي مطالبي هيٺ ايڇ ايس ٽي استادن کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيش جاري ڪري ڇڏيوآهي. جڏهن ته جي ايس ٽي استادن کي 17هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪئي ويندي. ٽائيم اسڪيل جي حوالي سان استادن جي مطالبي تحت وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ اسڪول ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) کي 5 سال جي سروس مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏني ويندي. نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 20 هين ۾ ترقي پهرين جولاءِ 2019ع کان لاڳو ڪئي ويندي. صوبائي وزير سردار شاهه ۽ گسٽا جي وفد وچ ۾ ڳالهين دوران طئه ٿيو آهي ته سال 2014ع ۾ ڀرتي ٿيل ٽيچنگ ڪيڊر جي حوالي سان ڪميٽي جائزو وٺندي ۽ پوءِ اُن جي سفارشن جي روشني ۾ ڀرتين واري موجوده ضابطن ۾ ترميم ڪئي ويندي. ٽائيم اسڪيل تحت جي ايس ٽي استادن کي 17هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي حوالي سان سمري وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته اقرا، اين ٽي ايس، سنڌ يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪرڻ جي حوالي سان به هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ضابطن ۽ قانون ۾ ترميم لاءِ مناسب تجويزون سنڌ ڪابينا کي پيش ڪندي..
آمريڪا سان مقابلو، چين جو ٽيڪنالاجي برآمد تي پابندين لاءِ غور
لاڙڪاڻي کي صوبو بڻائي اسان کي حڪمراني جو خواب ڏيکاريو ويو
سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر
اسرائيل جي چونڊن ۾ ڪنهن کي به واضح اڪثريت نه ملي، اڳتي ڇا ٿيندو؟
جسٽس محسن اختر ڪياني استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
بلوچستان ۾ ڪارروايون ڀارتي حمايت يافته 9 دهشتگرد مارجي ويا
پاڪ افغان سرحد تي ڇڪتاڻ، فورسز جو وار، طالبان جون پوسٽون تباهه
ٽنڊو باگو ۽ بڇيري ۾ روڊ حادثا 2 ڄڻا فوت، 10 زخمي
سي سي اي 2024ع جي انٽرويوز جا نتيجا ٻيهر روڪڻ جو حڪم
ڪراچي، موسم جي تبديليءَ سبب نزلي، زڪام جي مريضن ۾ واڌ
عالمي يومِ اينيميشن تي وڏي وزير جو پيغام
ريپ ڪيس، رشوت جي الزامن بعد جج جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات مثبت
هٿيارن جي زور تي شهرين کي هراسان ڪرڻ جي وڊيو وائرل
گهارو،پيش امام نامعلوم گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو
جسٽس منيب اختر وقتي چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو
بلوچستان ۾ مڙس جي فائرنگ، زال ۽ ٽن ٻارن سميت 4 ڄڻا قتل
اسڪواش جي ڪوارٽر فائنل ۾ نور زمان کي شڪست
ايس ايڇ او تي لڳايل 200 رپين جي ڏنڊ واري سزا معطل
ٻار مون کي مڙس جي موت جو ذميوار سمجهڻ لڳا‘، ابيل جاويد










