گسٽا جا ڪجهه مطالبا منظور، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت استادن جي هڪ تنظيم گسٽا جي مطالبي هيٺ ايڇ ايس ٽي استادن کي 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ نوٽيفڪيش جاري ڪري ڇڏيوآهي. جڏهن ته جي ايس ٽي استادن کي 17هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪئي ويندي. ٽائيم اسڪيل جي حوالي سان استادن جي مطالبي تحت وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ اسڪول ٽيچر (ايڇ ايس ٽي) کي 5 سال جي سروس مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏني ويندي. نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 20 هين ۾ ترقي پهرين جولاءِ 2019ع کان لاڳو ڪئي ويندي. صوبائي وزير سردار شاهه ۽ گسٽا جي وفد وچ ۾ ڳالهين دوران طئه ٿيو آهي ته سال 2014ع ۾ ڀرتي ٿيل ٽيچنگ ڪيڊر جي حوالي سان ڪميٽي جائزو وٺندي ۽ پوءِ اُن جي سفارشن جي روشني ۾ ڀرتين واري موجوده ضابطن ۾ ترميم ڪئي ويندي. ٽائيم اسڪيل تحت جي ايس ٽي استادن کي 17هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي حوالي سان سمري وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته اقرا، اين ٽي ايس، سنڌ يونيورسٽي ۽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪرڻ جي حوالي سان به هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ضابطن ۽ قانون ۾ ترميم لاءِ مناسب تجويزون سنڌ ڪابينا کي پيش ڪندي..

پهنجو تبصرو موڪليو