لکنئو (ويب ڊيسڪ)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ 2023ع جي 14هين ميچ ۾ آسٽريليا سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي فتح جو سفر شروع ڪري ڇڏيو.لکنئو ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 43.3 اوورن ۾ 209 رنسون ٺاهيون، آسٽريليا هدف 35.1 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.شروعاتي 2 ميچن ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ آسٽريليا ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪئي، ان جي ايندڙ ميچ 20 آڪٽوبر تي بنگلور ۾ پاڪستان خلاف ٿيندي.ٻئي طرف آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان کان پوءِ سريلنڪا کي مسلسل ٽيون ڀيرو ميگا ايونٽ ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو. سريلنڪا خلاف ٽيم جي فتح ۾ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوش انگلز 58، اوپنر مچل مارش 52، مارنس لبوشين 40 رنسون ٺاهي نمايان ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته گلين ميڪسويل 31 ۽ مارڪس اسٽونز 20 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. سريلنڪا طرفان دلشان ماڌوشنڪا 3 جڏهن ته ڊونٿ ويللاج هڪ وڪيٽ ورتي.ان کان اڳ سريلنڪا طرفان ڪوشل پريرا 78 ۽ پاٿم نسانڪا 61 رنسن جي شاندار اننگز جي بدولت 209 رنسون ٺاهي سگهي.آسٽريليا طرفان ايڊم زمپا 4، پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ 2، 2 جڏهن ته گلين ميڪسويل هڪ وڪيٽ ورتي.سريلنڪا آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.ان موقعي تي ڳالهائيندي سريلنڪن ڪپتان ڪوشل مينڊس چيو ته وڪيٽ سٺي نظر اچي رهي آهي، اسان انجري جي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ان وڪيٽ تي 200 کان 300 رنسن جو سٺو اسڪور هوندو.آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو آهي ته هن گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سٺي تربيت ڪئي.










