لاهور(ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي ستين ۽ سپر فور جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان، بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. لاهور۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش اڳ ۾ کيڏندي 193 رنز ٺاهيون ۽ 39 اوور ۾ پوري ٽيم آل آئوٽ ٿي وئي. 194 رنز جي بظاهر آسان ٽارگيٽ لاءِ پاڪستان جي بيٽنگ شروع ٿي ته فخرالزمان 3 چوڪا هڻي 31 بالن تي 20 رنسون ٺاهي مشرف جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، ڪپتان بابر اعظم 22 بالن تي 17 رنز ٺاهي تحسين جي بال تي ان سائيڊ ايج سبب بولڊ ٿيو،39 جي ذاتي اسڪور تي امام الحق کي امپائر ايل بي ڊبليو ڏنو پر رويو ۾ ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ امام الحق جي هئي جنهن 84 بالن تي 78 رنز ٺاهيون ته مهدي حسن کيس بولڊ ڪيو. جنهن بعد رضوان ۽ سلمان آغا ميچ کٽرائي. رضوان 63 ۽ سلمان 12 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. ان کان اڳ بنگلاديش ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو سندن لاءِ بهتر ثابت نه ٿيو. پاڪستاني فاسٽ بالرز بنگلاديش جي بيٽنگ کي بيوس بنائي ڇڏيو. پوري ٽيم 38.4 اوورز ۾ 193 رنز تي آئوٽ ٿي وئي.
Pace and control from Haris and Naseem ⚡ https://t.co/p3lkxIuHKF | #PAKvBAN | #AsiaCup2023 pic.twitter.com/PZmpXH9SJq
— ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) September 6, 2023
ٻئي اوور ۾ پهرين بال تي اپنر مهدي حسن نسيم شاهه جي بال تي فخر هٿان بنا رن ٺاهڻ جي پويلين موٽيو، 31 جي مجموعي اسڪور تي بنگلاديش جي ٻئي وڪيٽ 31 تي ڪري جڏهن ون ڊائون لٽن داس شاهين جي بال تي رضوان هٿان 16 رنز ٺاهي ڪيچ ٿيو. اٺين اوور ۾ حارث رئوف پنهنجي ئي بال تي اوپنر نعيم کي 20 جي اسڪور تي آئوٽ ڪيو. 47 جي اسڪور تي توحيد کي حارث بولڊ ڪيو، هن 2 رنز ٺاهيون هيون. شڪيب الحسن ففٽي مڪمل ڪري 53 رنز جي ذاتي اسڪور تي فهيم اشرف جي بال تي فخي هٿان ڪيچ ٿيو. شميم حسين 16 رنز ٺاهي افتخار جي بال تي امام الحق هٿان ڪيچ ٿيو. 67 رنز ٺاهيندڙ وڪٽ ڪيپر بيٽسمين مشفق الرحيم حارث جي بال تي رصوان هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد تسڪين احمد حارث جي بال تي بنا رن ٺاهڻ جي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. افيف حسين 12 رنز ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي فهيم اشرف هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد شرف الاسلام جي آئوٽ ٿيڻ سان بنگلاديش جي اننگ پوري ٿي. حارث رئوف 6 اوورز ۾ 19 رنز ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون. نسيم شاهه 5.4 اوورز ۾ 34 رنز ڏئي ڊينجر مين مهدي حسن کي پهرين بال تي فخر هٿان ڪيچ ڪرائي ارلي بريڪ ٿرو ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون. شاهين واحد ميڊن اوور ڪندي 7 اوورز ۾42 رنز ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. فهيم اشرف ۽ افتخار احمد کي به هڪ هڪ وڪيٽ ملي.










