برسات ميچ کٽي ورتي، ٻنهي ٽيمن ۾ هڪ هڪ پوائنٽ شيئر

برسات ميچ کٽي ورتي، ٻنهي ٽيمن ۾ هڪ هڪ پوائنٽ شيئر

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) پاليڪيلي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان کي پوائنٽ شيئرنگ جي بنياد تي هڪ هڪ پوائنٽ ملي ويو ۽ ميچ برسات کٽي ورتي. پوائنٽ شيئرنگ بعد پاڪستان ايشيا ڪپ جي سپر فور ۾ پهچي ويو آهي. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ جي سڀ کان وڏي ون ڊي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي 48.5 اوورز ۾ 266 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. پاڪستاني بالرن کي اننگ ۾ 3 ڇڪا ۽ 26 چوڪا لڳا. آفريدي 2 اوور ميڊن ڪرايا 10 اوورز ۾ 35 رنز ڏئي 4 وڪيٽون ورتيون، حارث رئوف 9 اوورز ۾ 58 رنز ڏئي 3 ۽ نسيم شاهه 8.5 اوورز ۾ 36 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. بارش سبب ٽيون ڀيرو ميچ متاثر ٿي آهي ۽ پاڪستان جي اننگ شروع ناهي ٿي سگهي. ڪرڪيٽ جي هڪ ماهر مظهر ارشد جي دعوا آهي ته ميچ جو ٽارگيٽ روائيز ٿيندو ۽ رولز مطابق سندس ڪيلڪوليشن بابت هن ٽوئيٽ به ڪئي آهي.

ان کان اڳ برسات کانپوءِ ٻيهرڀارت جي اننگ شروع ٿي ته پاڪستان کي پهرين وڪيٽ روهت شرما جي ملي جنهن کي شاهين بولڊ ڪيو. روهت 2 چوڪن جي مدد سان 22 بالن تي 11 رنز ٺاهيون ۽ ڀارت جي 15 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ ڪري. پالي ڪيلي اسٽيڊيم ۾ ميچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير بعد ئي برسات شروع ٿي وئي، جنهن کانپوءِ ميدان کي فوري طور ڍڪيو ويو. شبمن گِل ڪافي محطاط کيڏي رهيو هو. روهت جي آئوٽ ٿيڻ بعد ڪوهلي آيو جنهن ٻه بال مس ڪري چوڪو هڻي کاتو کوليو. شاهين آفريدي هنکي به جلد ئي بولڊ ڪري ٻيو بريڪ ٿرو ڪيو.

جنهن بعد شري ياس آئر آيو جنهن 2 چوڪن جي مدد سان 9 بالن تي 14 رنز اسڪور ڪيون ته حارث رئوف جي بال تي فّر کيس ڪيچ ڪيو ۽ انڊيا جي ڏهين اوور ۾ 48 تي ٽاپ 3 پليئر آئوٽ ٿي ويا. بارش سبب ٻيو ڀيرو راند ان وقت بند ڪرڻي پئي جڏهن ٻارهون اوور حارث رئوف ڪري رهيو هو. ٻيهر جيئن ئي راند شروع ٿي ته حارث پنهنجو اوور مڪمل ڪيو جنهن بعد شاداب اوور ڪرايو ۽ ٻيهر جيئ ئي حارث کي اوور مليو ته هن 32 بالن تي 10 رنز ٺاهيندڙ اوپنر شبمن گل کي بولڊ ڪيو ۽ انڊيا جي 4 وڪيٽ پندرهين اوور جي بال تي 66 جي مجموعي اسڪور تي ڪري. جنهن بعد اشان ڪشن ۽ هاردڪ پانڊ بهترين راند ڪندي ڊگهي سينچري کان وڌيڪ پارٽنر شپ جوڙي ۽ ٻنهي ففٽيون به مڪمل ڪيون. 204 جي مجموعي اسڪور تي ڀارت جي پنجين وڪيٽ ڪري جڏهن حارث رئوف جي بال تي وڏي شاٽ هڻن جي چڪر ليف هينڊ بيٽسمين اشانت ڪشن کي بابر اعظم ڪيچ ڪيو. هن ٻن ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 82 بالن تي 81 رنز اسڪور ڪيون. 44 هين اوور ۾ شاهين آفريدي هاردڪ پانڊي کي سلو بال تي سلمان آغا هٿان ڪيچ ڪرايو، هن هڪ ڇڪي ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 90 بالن تي 87 رنز ٺاهيون. جنهن بعد رويندرا جديجا جو ساٿ ڏيڻ شردل ٺاڪر آيو. ساڳئي اوور ۾ جديجا کي به رضوان هٿان ڪيچ ڪرايو هن 22 بالن تي 14 رنز اسڪور ڪيون. ان بعد نسيم شاهه کي به پهرين وڪيٽ ملي سندس بال تي شاداب خان ڊرسل ٺاڪر کي ڪيچ ڪيو. ڀارت جي نائين وڪيٽ49 هين اوور ۾ 261 جي مجموعي اسڪور تي ڪري جڏهن نسيم شاهه جي بال تي رضوان ڪلديپ ياديو کي ڪيچ ڪيو، هن 13 بالن تي 4 رنز ٺاهيون. ساڳئي اوور ۾ نسيم شاهه جسپريت بمرا کي بائونڊري تي آغا سلمان هٿان ڪيچ ڪرايو هن 3 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 16 رنز ٺاهيون، ڀارت 48.5 اوورز ۾ 266 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو