لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ زرعي زمين فوج کي ڏيڻ بابت سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پنجاب حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته عدالتي فيصلي ۾ تضاد آهي، درخواستگذار متاثر ڌر ناهي، زرعي پاليسين کي ريگيولر ڪرڻ عدالتن جي ذميواري ناهي.پنجاب حڪومت موقف اختيار ڪيو ته سنگل بينچ فوج کي زمين ڏيڻ واري نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي.درخواست ۾ پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته قانون موجب نگران حڪومت گذريل حڪومت جي ڪنهن به نامڪمل ڪم يا پاليسي کي مڪمل ڪري سگهي ٿي.پنجاب حڪومت طرفان داخل درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته منصوبو نگران حڪومت نه پر چونڊيل حڪومت شروع ڪيو.










