جهلم (ويب ڊيسڪ)جهلم ۾ جي ٽي روڊ تي 3 ماڙ هوٽل سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو اهلڪارن موجب ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، ملبي هيٺان 25 ماڻهن جي دٻجڻ جو خدشو آهي، هن وقت تائين 7 ڄڻن کي ڪڍيو ويو آهي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته ٽن ماڻهن جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا آهن، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










