اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي مسئلن جو حل نواز شريف ۽ مريم اورنگزيب وٽ آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف کي پاڪستان جي عوام ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو آهي.هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ معيشت کي استحڪام مليو، سي پيڪ جو تحفو صدر شي جن پنگ ۽ نواز شريف جو ويزن آهي.مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته سي پيڪ منصوبو شروع ٿيندي ئي سازشي عناصر متحرڪ ٿي ويا، نااهل شخص پاڪستان تي 4 سال حڪومت ڪئي، گذريل حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ ۾ توانائي سميت ڪيترائي بحران پيدا ٿيا.سندس چوڻ آهي ته 2013ع ۾ عوام نواز شريف کي وزيراعظم چونڊيو، 2013ع ۾ پي ٽي آءِ ملڪ ۾ عدم استحڪام جو بنياد رکيو.










