آئي پي پي  پاران چونڊ لاءِ پارلياماني بورڊ جوڙڻ جو فيصلو

آئي پي پي پاران چونڊ لاءِ پارلياماني بورڊ جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) استحڪام پاڪستان پارٽي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن پارٽي قيادت اميدوارن جي چونڊ لاءِ پارلياماني بورڊ بنائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.پارلياماني بورڊ اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي منظوري جي لاءِ پارٽي پيٽرن انچيف جهانگير ترين ۽ صدر آءِ پي پي عبدالعليم خان کي ڏيندو.ذريعن موجب آءِ پي پي پارلياماني بورڊ جي پهرين ترجيح پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ پارليامينٽريز هوندا. پارٽي جي رجسٽريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جولاءِ جي ٽئين هفتي ۾ اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو