زخمي ڌاڙيل گرفتار، پوليس اهلڪار اغوا

زخمي ڌاڙيل گرفتار، پوليس اهلڪار اغوا

خانپور (رپورٽ عتيق ابڙو) جي ڳڙھي تيغو واري علائقي ڏڪ بند وٽان ڊيوٽي تي ويندڙ پوليس اھلڪار نصرالله جتوئي کي ڌاڙيل مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا. پوليس اھلڪار جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڊيوٽي تي ويل نصرالله جتوئي سان رابطو ڪٽجي ويو آهي ھنن جو چوڻ آهي ته پوليس اھلڪار کي اغوا ڪيو ويو آهي. جڏھن ته پوليس ذريعن موجب اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن پاران حد جي پوليس ڪوٽ شاھو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي ته اسان جي نوجوان کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪيو آهي. ان جي پلاند ۾ ڌاڙيلن پاران پنھنجي ماڻھو کي پوليس کان ڇڏرائڻ جي لاءِ پوليس اھلڪار کي اغوا ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو