جاپاني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، تحفظ فراهم ڪنداسين

جاپاني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، تحفظ فراهم ڪنداسين

ٽوڪيو ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري طرفان جاپاني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته جاپاني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، ڀرپور تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ٽوڪيو ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرادري چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جو قميتي اثاثو ۽ ملڪ جا سفير آهن. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، هو چاهن ٿا ته جاپان ۾ رهندڙ پاڪستاني برادريءَ جا مسئلا حل ٿين. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ وڏي صلاحيت آهي، نوجوانن کي هنرمند ۽ باصلاحيت بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هو چاهن ته پاڪستان ۽ جاپان ۾ زراعت جي شعبي ۾ ايڪسپورٽ وڌي. پ پ چيئرمين چيو ته جاپاني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن، ڀرپور تحفظ فراهم ڪيو ويندو، آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان جي 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، ملڪ جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو