اسلام آباد ( بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسحاق ڊار چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ ڪا به واڌ ناهي ڪئي وئي، پيٽرول جي قيمت برقرار رهندي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي، ان ڪري ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 7 رپيا واڌ ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نئين تبديلي رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي، پيٽروليم شين جا اگهه ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهندا.










