لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سپر ٽيڪس کي 10 سيڪڙو مان گهتائي 4 سيڪڙو ڪرڻ سان گڏ 16 سيڪٽرز ۾ شامل وڏين ڪمپنين تي سپر ٽيڪس لڳائڻ کي به درست قرار ڏئي ڇڏيو هاءِ ڪورٽ جسٽس جواد حسن 30 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪريڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو ته 300 ملين کان وڌيڪ آمدني وارين وڏين ڪمپنين تي سپر ٽيڪس لڳائڻ درست آهي قانون تحت سپر ٽيڪس 4 سيڪڙو کان وڌيڪ لاڳو ئي نٿو ٿي سگهي عدالتي فيصلي ۾ چيو ته سپر ٽيڪس اضافي ٽيڪس آهي جيڪو صرف گهٽ کان گهٽ هڪ سيڪڙو ۽ وڌ کان وڌ 4 سيڪڙو تائين لاڳو ٿي سگهي ٿو لکت فيصلي ۾ چيو ويو ته پاڪستان کي 30 جون کان اڳ ٽيڪس رڪوري ڪرڻ لازم هو انهي ڪري عدالت فيصلو ٻڌايو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سموريون ڪمپنيون 4 سيڪڙو سپر ٽيڪس جمع ڪرائي چڪيون اهن عدالت چيو ته عدالتي فيصلي سان 16 سيڪٽرز ۾ موجود وڏين ڪمپنين کي وڌيڪ ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو ماضي ۾ 3 يا 4 سيڪڙو کان وڌيڪ سپر ٽيڪس لڳائڻ جو مثال نٿو ملي سپر ٽيڪس ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي سان 16 سيڪٽرز ۾ موجود ڪمپنين کي فائدو ٿيندو فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ان سان شربت تيار ڪندڙ ڪمپنيون، سيمينٽ، آئرن، ايل اين جي ۽ پيٽروليم ۽ گئس ڪمپنين کي به فائدو ٿيندو سپريم ڪورٽ به پنهنجي لکت فيصلي ۾ سپر ٽيڪس لڳائڻ کي جائز قرار ڏئي ڇڏيو آهي سپريم ڪورٽ به سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي اپيل ۾ سپر ٽيڪس ۾4 سيڪڙو ڪري ڇڏيو هو فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر ٽيڪس لڳائڻ غير آئيني قرار ڏنو هو هي عدالت سپر ٽيڪس کي 10 کان 4 سيڪڙو مقرر ڪري رهي آهي.










