لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيما جي گهرواري کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.اڳوڻي گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما جي گهرواري رابعه سلطان جي سڃاڻپ پريڊ مڪمل ٿي وئي، پوليس موجب جوابدار جي سڃاڻپ پريڊ ۾ ڪئي وئي آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار رابعه سلطان جي جناح هائوس ۾ موجودگي جو اطلاع مليو، جوابدار جو فوٽو گرافي ٽيسٽ گهربل آهي، عدالت جوابدار رابعه سلطان جو جسماني رمانڊ ڏئي.جڏهن ته عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي جوابدار کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.رابعه سلطان چيو ته منهنجو تعلق ڪنهن پارٽي سان ناهي، گهرواري آهيان، مڙس جي ڪيسن جي پيروي ڪري رهي آهيان، مون کي سزا ڏني پئي وڃي.واضح رهي ته عمر سرفراز چيما جي گهرواري کي 22 جون تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران حراست ۾ ورتو ويو هو، هو پنهنجي مڙس سان ملاقات لاءِ عدالت پهتي هئي. واضح رهي ته پنجاب جو اڳوڻو گورنر عمر سرفراز چيما به 9 مئي سانحي ڪيس ۾ حراست ۾ آهي ۽ سندس خلاف ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي.










