لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اهم سياسي شخصيتن جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو امڪان آهي.اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اڄ لاهور پهچندو جتي سندس 3 ڏينهن ترسڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب آصف علي زرداري اڄ شام اپٽما هائوس ۾ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز سان ملاقات ڪندو، اپٽما اڳواڻ گوهر اعجاز آصف علي زرداري کي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪندو.ذريعن موجب آصف زرداري جي ملاقات ۾ پ پ ۾ شموليت جو امڪان آهي.










